دنگ 1

دنگ 1: دنگ، زميني ماپ جي آخري ڇيڙي کي دنگ چئبو آهي. زمين، پلاٽ، علائقي يا ملڪ جي حد ختم ٿيڻ واري جاءِ کي دنگ چيو ويندو آهي. سرحد تي رهندڙن يا زمين جي حد سان گڏ رهندڙن کي ’دنگئي‘ چوندا آهن. ڀٽائيءَ به چيو آهي:
’اُتي آديسين جو، لڳو دنگ دڙو‘.


هن صفحي کي شيئر ڪريو